Screen shot

دنيا ۾ ڊگهي نڪ وارو انسان، اڄ تائين عالمي رڪارڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تصوير ڏسي اوهان حيرت ۾ ضرور پئجي ويا هوندا. هي ٿامس ويڊرز المعروف ٿامس ويڊهائوس آهي جيڪو 18 هين صدي ۾ پيدا ۽ فوت ٿيو. هن جو نڪ ساڍا ست انچ يا 19 سينٽيميٽر هو، جيڪو سندس عالمي رڪارڊ اڄ 300 سال گذرڻ باوجود به ڪوٽوڙي ناهي سگهيو. هن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به موجود آهي. برطانيا جي شهر يارڪ شائر ۾ رهندو هو ۽ هو هو ماڻهن جي تفريح جو سبب هوندو هو. ان زماني ۾ هو سرڪس ۾ ڪم ڪندو هو. آمريڪا جي هڪ ميوزيم ۾ سندس موم سان ٺهيل مجسمو موجود آهي. 1996 ۾ ‘دي اسٽرينڊ’ نالي ميگزين ۾ سندس زندگي بابت مضمون شايع ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو