دنيا ۾ انساني موت جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ بڻجندڙ جانور؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ هر سال هزارين ماڻهو جانورن جو کاڄ بڻجن ٿا ۽ اهو ڄاڻي اوهان کي حيراني ٿيندي ته سڀ کان وڌيڪ انسان شينهن، چيتن يا بگهڙن جي حملن ۾ نٿا مرن. سڀ کان وڌيڪ انسان دنيا ۾ مڇرن سبب مري وڃن ٿا. جي ها مڇر! آهي نه حيراني جهڙي ڳالهه،

اقوام متحده جي صحت بابت عالمي اداري جي هڪ رپورٽ موجب  2000 کان 2015 تائين دنيا ۾ مليريا سبب موت جي شرح ۾ 37 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي پر پوءِ به سراسري طور دنيا ۾ ساڍا ست لک ماڻهو مليريا ۽ مڇرن سبب مرن ٿا. ٻئي نمبر تي انسان جي موت جو سبب انسان ئي آهن اقوام متحده جي ڊيٽا موجب 2012 ۾ 4لک 37 هزار ماڻهو انساني دشمنين سبب قتل ٿيا هئا.

ٽئين نمبر تي دنيا ۾ ماڻهن جي مرن جو سبب نانگ آهن جنهن سبب هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو هر سال دنيا ۾ مري وڃن ٿا. چوٿين نمبر تي انسانن جي موت جو وڏو ڪارڻ ڪتا آهن ۽ اقوام متحده جي محطاط اندازي موجب 35 هزار ماڻهو ڪتن جي چڪڻ سبب مري وڃن ٿا.

Photo Sindhyar

پنجون وڏو انساني موت جو ڪارڻ تازي پاڻي ۾ ملندڙ سپي نموني جو جيت Snailآهي جنهن ۾ پيراسائيٽس جا جيوڙا هوندا آهن ۽ هر سال 20 هزار ماڻهو ان سبب حياتي وڃائن ٿا.

Photo courtesy iStock

ڇهين نمبر تي انسانن جو قتل مک ۽ مڇر نما هڪ اڏامندڙ جيت آهي جنهن کي قاتل بگ چيو وڃي ٿو. جنهن سبب 12 هزار ماڻهو مرن ٿا. هي اڪثر ڪري انسانن کي ڳٽي تي چڪ هڻي ٿو جنهن سبب کيس ڪسنگ بگ به چوندا آهن يعني چُمي ماريندڙ جيت. ستين نمبر تي Tsetse

Photo courtesy wikimedia

نالي زهريلي مک آهي جيڪا آفريڪا ۾  عام آهي. هن مک جي ڪٽڻ بعد انسان کي ننڊ ڏاڍي ايندي آهي ۽ هر سال 10 هزار ماڻهو مرن ٿا. اٺين نمبر تي ور وڪڙ کائيندڙ جيت جيڪي منڊي جيان وڪوڙجي به وڃن ٿا.

Photo courtesy wikimedia

انهن سبب دنيا م 4500 ماڻهو مري وڃن ٿا. نائين نمبر تي واڳون اچن ٿا جيڪي دنيا م هر سال هڪ هزار انسانن جي موت جو سبب بڻجن ٿا.

Photo courtesy AP

ڏهين نمبر تي انساني موت جو سبب پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيڙا آهن. ٽيپ وورمس به چيو ويندو آهي. جنهن سبب 700 ماڻهو مرن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو