’دنيا ويڪسين جو فرق ختم ڪري سڀني کي تسليم ڪري‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ورلڊ ميڊيڪل ايسوسيئيشن دنيا جي سمورن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته سڀني ڪووڊ ويڪسين کي قبول ڪيو ۽ عوام تان سفري پابندين بابت فرق واري پاليسي ختم ڪئي وڃي. ايسوسيئيسن جي اجلاس ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ اهڙو مطالبو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن عالمي تنظيم کي خط لکي اهڙي درخواست ڪئي هئي. هن وقت يورپي ملڪ چيني ۽ روسي ويسڪين کي قبول نٿا ڪن، سعودي عرب سميت ڪجهه ملڪن بوسٽر شاٽ طور يورپي يا آمريڪي ويڪسين جو شرط لڳايو آهي. ڪجه ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن کي ويڪسين لڳل آهي ان کي ٻئي ويڪسين نه لڳائي وڃي. دنيا ۾ اهڙين مختلف پاليسين سبب تمام وڏو تعداد سفري سهولتن کان محروم آهي. جيڪو هڪ امتيازي سلوڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو