دشمن ٻيهر حملو ڪيو ته فضائيه اڳ کان به خوفناڪ جواب ڏيندي

دشمن ٻيهر حملو ڪيو ته فضائيه اڳ کان به خوفناڪ جواب ڏيندي

رسالپور: (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو چيو آهي ته اسان جي قومي خودمختاري کي ٻيهر چيلينج ڪيو ويو ته دشمن پاڪ فضائيه کي پهريان کان وڌيڪ مضبوط ڏسندو. اها ڳالهه هن پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان رسالپور جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ بطور مهمان خصوصي خطاب ڪندي چئي.پاڪ فضائيه جي سربراهه چيو ته پي اي ايف اڪيڊمي ۾ سعودي ڪيڊٽس جي موجودگي ٻنهي عظيم ملڪن ۽ انهن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ تعاون جي نشاني آهي. اوهان جي مادر ملڪ جي فضائي سرحدن کي دفاع جي مقدس مقصد جو امين بنايو ويو آهي، سموري قوم جون اميدون اوهان جي نوجوان ڪلهن تي آهن.هن چيو ته قوم ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج اتحاد جي شاندار مثال پيش ڪندي دشمن کي انهن جي عددي برتري جي باوجود شڪست ڏني. معرڪه حق ۾ حاصل ٿيل فيصله ڪن ڪامابي قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي متحد ڪردار ۽ سڀني کان وڌيڪ الله تعاليٰ جي خصوصي رحمتن جو نتيجو هئي. معرڪه حق جي فتح ٽنهي فوج جي هم آهنگي، جارحانه فيصله سازي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت جو نتيجو آهي.پاڪ فضائيه جي سربراهه چيو ته جڏهن پاڪستان جي خودمختاري تي حملو ڪيو ويو ته پاڪ فضائيه گهت تعداد ۾ وڙهڻ جي روايتي ميراث کي برقرار رکندي دشمن جي سڀني کان جديد جهازن کي ڪيرايو. اسان جي قدمن ۽ آپريشنز موثر هجڻ سان گڏوگڏ متوازن ۽ بهترين به هئا. اسان جو مقصد اهو هو ته عزت سان امن قائم ٿئي.ايئر چيف مارشل چيو ته دنيا انهي کان اڳ ڪڏهن به فضائي طاقت جي ايتري جرئتمنداڻي استعمال کي ناهي ڏٺو جيڪو خاص طور تي ٽيڪنالوجيز سان جڙيل هو. تازي تصادم جديد دور جي فضائي جهيڙي جي لاءِ هڪ نصابي مثال قائم ڪري ڇڏي. 2025ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪ فضائيه پنهنجي پيشوارانه مهات ۽ سمورن شعبن ۾ برتري کي ثابت ڪيو. اسان پنهنجي آپريشنل ڊڪٽرائن کي جنگي تصورات ۽ حڪمت عملي موجب ترتيب ڏنو جنهن ۾ مالي وسيلن جي محدوديت ۽ ٽيڪنالاجي جي دستيابي کي آڏو رکيو ويو.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪ فضائيه نهايت ئي جارحانه ۽ تخليفي حڪمت عملي کي اپنايو. پاڪ فضائيه پنهنجي اسمارٽ انڊڪشن پروگرام جي ذريعي متعدد جديد ويڙهاڪ جهازن ۽ ٽيڪنالوجيز کي رڪارڊ وقت ۾ شامل ڪيو. پاڪ فضائيه جي هر فرد کي انهي جي پيشوارانه طرز عمل ۽ مشڪل حالت ۾ سخت محنت جي لاءِ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪ فضائيه سموري فوج سان گڏجي بهادري ۽ هم آهنگي سان ملڪ جو دفاع ڪيو. سموري قوم پاڪ فضائيه جي همت ۽ جرئت تي فخر ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو