دشت ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)مستونگ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري فورس ‘سي ٽي ڊي’ جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾4 دهشتگرد مارجي ويا. جن ۾ ڪالعدم جماعت جو ڪمانڊر عبدالڪريم به شامل آهي، مٿس 20 لک روپيا انعام رکيل هو.سي ٽي ڊي اختيارين موجب مستونگ جي علائقي دشت ۾ دهشتگردن جي موجودگي تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو جنهن تي دهشتگردن طرفان فائرنگ شروع ڪئي وئي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب فائرنگ جي هنڌ تي ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا.  جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 اهڪار به  زخمي ٿي پيا. سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 ڄڻا دهشتگرد مارجي ويا. اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان آپگهاتي جيڪٽس، دستي بم، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي. جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش سڃاڻپ جي لاءِ  سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو