درسگاهن ۾ سهولتن جي دعويٰ ۽ آسمان هيٺ پڙهندڙشاگرد

  ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ محمد بچل چانگ جي مين پرائمري اسڪولي عمارت جي  مرمت نه ٿيڻ سبب ڇت ڪري پئي مستقبل جا معمار شاگرد نٽهڻ اس ۾ ويهي درس حاصل ڪرڻ لڳا جڏهن ته ڪافي شاگردن خوف وچان اسڪول اچڻ ئي چڏي ڏنو آهي ۽ ڪن کان وري ماءُ پيءُ پاران ڍور ڍڳا چارائڻ ۽ محنت مزدوري ڪرائڻ لڳا، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اڄ به ٻارڙن کان تعليم جو زيور کسيو پيو وڃي جيڪا تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن جي نا اهلي آهي جنهن سبب اسڪول جي مرمت نه ٿي سگهي آخر ڪار اسڪولي بلڊنگ خسته حالي جو شڪار ٿيڻ سبب ڇت ڪري پئي ۽ بنياد کي پڻ سم ڪلر کائي ويو جيڪا پڻ ڪرڻ واري آهي واضع رهي ته جنهن ٽائيم اسڪول جي موڪل ٿي هئي ته ڇت ڪري پئي نه ته تمام وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو خدشو پڻ هيو.

اهڙي تعليم کاتي جي سستي ۽ نااهلي سبب ڪيترن ئي ٻارڙن خوف وچان اسڪول اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، ان سموري صورتحال ۾ چونڊيل نمائندن ۽ وسوارن جي بي حسي ۽ نظر اندازي وارو رويو انتهائي خراب ۽ ڏکائيندڙ آهي، ان سلسلي ۾ شاگردن اسڪول جي ڪمري جي چئوديواري اندر نٽهڻ اس ۾ بيهي احتجاج ڪندي تعليم کاتي جي بالا آفيسرن، تعليم کاتي جو قلمدان رکندڙ وزير اعلي سنڌ ، واڳ ڌڻين  ۽ ٻين وسوارن کان گهر ڪئي آهي ته اسانکي تعليم جهڙي نعمت کان پري نه رکيو وڃي بنا دير بلڊنگ جي مرمت ڪرائي ڇت ۽ ڀتيون ٺهرائي ڏنيون وڃن ته جيئن علم حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهي سگهي جڏهن ته  ڳوٺاڻن سنڌيار سان ڳالهائيندي اهو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾  اسڪولز جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ پيل آهي تنهن هوندي به اسان جي ٻچڙن کي درس ۽ تدريس کان محروم رکيو پيو وڃي احتجاجين اهو پڻ ٻڌايو ته سوائي فرنيچر جي ٻيو ڪجهه به اسڪول ۾ موجود ناهي انڪري هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته بنا دير سندن اسڪولي بلڊنگ جي تعمير يا مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن شاگرد بنا خوف ۽ خطري جي تعليم حاصل ڪري سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو