درآمدات کلڻ تي ڊالر جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي: ماهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته درآمدات کلڻ تي ڊالر جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي .انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 70 پئسا مهانگو ٿي 281 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 80 پئسا تي بند ٿيو هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي، ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 187 پوائنٽن جي واڌ سان 44 هزار 772 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو