نگران سيٽ اپ، دبئي ملاقاتون، اعتماد ۾ نه وٺڻ تي مولانا ناراض

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءَ اسلام( ف ) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مسلم ليگ نون کي دبئي ۾ ميٽنگ جي حوالي سان پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. پشاور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اِهو سوال پي ڊي ايم ۾ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ن ليگ طرفان هنيئر تائين اتحاد ۾ شامل پارٽين کي دبئي ۾ٿيل ميٽنگ جي حوالي سان اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو. هن چيو ته دبئي ۾ ڳالهيون اوچتو نه پر رٿابندي تحت ٿيون، تنهنڪري سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺن گهرجي ها. پي ڊي ايم جي مستقبل جي حوالي سان هن چيو ته پي ڊي ايم هڪ تحريڪ هئي جنهن جي هاڻي ڪائي ضرورت ناهي رهي. ايندڙ چونڊن جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، هڪ مهيني ۾ مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نگران حڪومتون قائم ٿي وينديون.اقتصادي حالتن بابت سندس چوڻ هو ته معاشي بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، دوست مُلڪن مدد ڪندي پهريون قدم کڻي رهيا آهن، ٻيو قدم سيڙپڪاري هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو