دبئي(ويب ڊيسڪ) دبئي جي مادام تسائوز Madame Tussauds ميوزم ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو موم سان ٺاهيل مجسمي جي رونمائي ڪئي وئي. تقريب ۾ پرڏيهي کاتي جو وزير بلاول ڀٽو زردراي، ڪيترن ئي ملڪن جا سفير ۽ اهم شخصيتون تقريب ۾ شريڪ ٿيون. مادام تسائوز ميوزم لنڊن ۾ 1835 ۾ قائم ٿيو هو جيڪو فرينچ ليڊي ميري تسائوز قائم ڪيو هو. هن نالي سان دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ميوزم قائم آهن. بنيادي طور تي فرانس جي ظلم جو شڪار ماڻهن جا مجسما رکيا ويندا هئا پر بعد م دنيا جي مشهور ماڻهن جا مجسما به رکيا ويا. لنڊن واري ميوزم ۾ به بينظير ڀٽو جو مجسمو آهي ۽ هاڻي دبئي واري ميوزم ۾ به سندس مجسمو رکيو ويو آهي. هوءَ پهرين پاڪستاني شخصيت آهي جنهن جو مجسمو رکيو ويو آهي.
???? FM @BBhuttoZardari attended the unveiling of the wax figure of Former PM Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto at an event held at @Tussauds_Dubai in UAE ???????? today. She is the first Pakistani whose wax figure is displayed at Madame Tussauds Dubai. pic.twitter.com/iI3HJQCbba
— Spokesperson ???????? MoFA (@ForeignOfficePk) July 30, 2023
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جمهوريت، آزادي ۽ عورتن جي برابري جي حقن جي نشاني آهي. هن گڏيل عرب امارات جي حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي ملڪ ۽ شهر اسان لاءِ اهم آهي جن منهنجي والده کي اعزاز عطا ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بلاول ڀٽو هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات آيو جتي هن ٻطرفن لاڳاپن بابت پنهنجي هم مننصب شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. هن گڏيل عرب امارات جي حڪمران جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زيد النهيان جي وفات تي فاتحه به ڪئي.