خيرپور: (ن س) خيرپور ۾ ٻٻرلو نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر اونڌو ٿيڻ سبب ٻہ مسافر ڪوچون ٽڪرائجي ويون.حادثي جي نتيجي ۾ 14 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، 2 ماڻهن جي حالت نازڪ آهي، ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، زخمين کي سکر ۽ خيرپور اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن، سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ٽرالر اونڌو ٿيڻ سبب قومي هاءِ وي تي هڪ طرفي ٽريفڪ بند هجڻ ڪري حادثو پيش آيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٽرالر ڊرائيور ۽ مسافر ڪوچن جي ڊرائيور خلاف به جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










