خيرپور )ن س )سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ ٽنڊي مستي ويجهو قومي شاهراهه تي هڪ خوفناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ 11 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.خيرپور ٽنڊي مستي ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب، تيز رفتار ڪوچ اوورٽيڪ ڪندي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ مسافر ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر مارجي ويا. سڀني لاشن ۽ زخمين کي خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بدقسمت مسافر بس پنجاب کان ڪراچي اچي رهي هئي.ان دوران، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کي حادثي واري هنڌ تي پوليس موڪلڻ جو حڪم ڏنو. آءِ جي حادثي واري هنڌ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بچاءُ جي سرگرمين کي يقيني بڻائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.










