خيرپور جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو، وونئڻ جو فصل تباهه

ڪنب(صفدرچانڊيو) خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو، تازا ڄاول وونئڻ جي ٻوٽن کي کائڻ لڳي، آبادگار سخت پريشان آهن، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا ڪي به اپاءُ نو ورتا آهن.  ناري تعلقي کانپوءِ ماڪڙ خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي، ڪنب  ۽ فقيرآباد سميت مختلف علائقن ۾ وونڻن جي فصل تي حملو ڪري ڇڏيو آهي.

خيرپور جي مختلف علائقن ۾ ماڪر جو حملو

متاثره آبادگارن ٻڌايو ته ماڪڙ وونڻن جي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تي حملو ڪيو آهي، تازو ڦٽل ٻوٽن جا پن، ڏانڊي ۽ خاص طور گونچ کائي رهي آهي، جنهن سبب فصل تباهه ٿي رهيوآهي. آبادگار نثار خاصخيلي چيو ته ماڪڙ ڪپھ جي فصل سميت سبزين ۽ ٻين فصلن کي به تباه ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته پهريان ان قسم جي ماڪڙ بلوچستان ۾ حملو ڪيو هو، جتي 5 فيڊرل ٽيمن پهچي جاچ ڪئي ۽ ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. هن مطالبو ڪيو ته خيرپور ضلعي ۾ به ٽيم موڪلي وونڻن جي فصل تي حملو ڪندڙ ماڪڙ جو خاتمو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو