خيبر(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبرپختونخواهه ۾ پوليس اسٽيشن علي مسجد جي حد ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ايڊيشنل ايس ايڇ او عدنان آفريدي جي شهادت جو اطلاع آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، شروعاتي رپورٽن موجب ڌماڪو آپگهاتي حملو هو، آپگهاتي بمبار نئين تعمير ٿيل مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس سندس ڳولا شروع ڪئي.آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي ته ڌماڪو آپگهاتي حملو هو ۽ سرچ دوران جوابدار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ حملي آور فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي…..سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خيبر ضلعي جي تعلقي جمرود ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي،سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل ايس ايڇ او عدنان آفريدي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو سنڌ جو وڏو وزير چيو ته دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ بعد ئي ساهه کڻنداسين سنڌ جي وڏي وزير پاران دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي اهلڪار جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي
