خورشيد شاهه 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

سکر( جئيرام داس) نيب جي درخواست تي  احتساب عدالت  پي پي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منطور ڪري ڇڏيو. نيب پاران جڏهن کيس سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته جج امير علي مهيسر نيب کان ڪاغذ گهري ته کيس ڪهڙي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي.  نيب جي وڪيل چيو ته ڪاغذ آفيس ۾ پيا آهن جنهن تي عدالت اڌ ڪلاڪ لاءِ سماعت ملتوي ڪندي نيب کي ڪاغذ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. اڌ ڪلاڪ بعد نيب ڪاغذ پيش ڪيا جن ۾ سندس سوسائٽي واڙي گهر جا ڪاغذ به شامل هئا ۽ نيب جي وڪيل چيو ته هن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. جاچ هلي پئي جنهن ۾ هو تعاون نٿو ڪري. نيب جي وڪيل چيو ته خورشيد شاهه کي خط به لکيو ان جو هن جواب نه ڏنو. هن عدالت کي 15 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ لاءِ چيو. جنهن تي خورسيد شاهه جي وڪيل قربان ملاڻو چيو ته نيب 2014 ۾ به اهڙي انڪوائري شروع ڪئي جنهن ۾ ڪجهه نه نڪتو ۽ آخر هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انڪوائري ختم ڪئي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته نيب وٽ ڪو ثبوت ناهي سياسي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وڪيل چيو ته جنهن سوسائٽي جي گهر جا ڪاغذ نيب پيش ڪيا آهن اها سرڪاري ناهي، نجي سوسائٽي آهي. ان دوران جج خورشيد شاهه کان صحت بابت پڇيو ته ڪو مسئلو ته ناهي، جنهن تي شاهه چيو ته هاڻي مسئلو ناهي اوهان مونکي گهر جي ماني جي اجازت ڏيو ۽ گهر واران سان ملاقات جي به اجازت ڏيو. جنهن تي عدالت کيس گهر جي ماني ۽ خاندان وارن سان ملاقات جي اجازت ڏيندي نيب کي هدايت ڪئي ته پهرين آڪٽوبر تي کيس ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ان کان اڳ جڏهن کيس عدالت آندو ويو ته سوين پي پي ڪارڪن گڏ ٿي ويا جن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا.

سندس گاڏي تي گلاب جي گلن جي ورکا ڪئي. عدالت ۾ به ڪافي ڪارڪن موجود هئا جڏهن ته پوليس ڪيترن ڪارڪنن کي ٻاهر ئي روڪي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو