سکر(جئيرام داس )پي پي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته خورشيد شاھ کي ھڪ سال اچي ٿيو آھي پر ضمانت نٿي ٿئي خورشيد شاھ کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي اعلي عدليا کي ڏسڻ گهرجي ته نيب ھٿان سياستدانن جون زيادتيون ڪرايون پيون وڃن قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت مسلسل ڪوڙ ڳالھائي حقيقتن کي ٽوڙي موڙي پيش ڪري رھي آھي حڪومت نيب کي استعمال ڪري رھي آھي ھن چيو ته موجوده حڪومت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ کي ڪيئن ھلائڻو آھي ھن چيو ته حڪومت کي ھاڻي گھر وڃڻو پوندو پاڪستان ۽ عمران خان گڏ نٿا ھلي سگھن، ملڪ ۾ فوري نيون چونڊون ٿين يا پارليمان اندر حڪومت هٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ملڪ ھن وقت قدرتي آفتن جو شڪار آھي ملڪ ۾ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي وزير اعظم بلاول جي تقرير تي طنز ڪيو ھاڻي ان کي خبر پئجي وئي ته برساتون گھڻيون ٿينديون ته پاڻي به گھڻو ايندوڪراچي جون برسات کان پوء ھاڻي حالتون بھتري طرف وڃي رھيون آھن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي وزيراعظم وزيرن جو رويو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته جيڪا فھرست جاري ٿي ان ۾ سياسي تنظيمن جا نه پر نان اسٽيٽ ايڪٽرن جا نالا آھن انهن کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري هئي. هن چيو ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جي اوٽ ۾ اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ 6مهينن تائين ڪنهن کي به گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان آجو ٿيڻ جو قانون چاهي ٿي جنهن جي مخالفت ڪنداسين، اهو آئين جي خلاف آهي. اسان عدالتن ۾ ڪيس وڙھڻ ڄاڻون ٿا آزاد عدليا جمھوريت لاء ضروري آھي حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاري ماضي جون ڳالھيون نه ڪيون وڃن.










