خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ واڌ، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

سکر (جيرام داس) آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي ڪيس ۾ احتساب عدالت خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي 17 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو 5 ڏهاڙن وارو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس احتساب عدالت سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ پيش ڪيو. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه خلاف جاچ بابت نيب چيئرمين کي جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ 10 ڊسمبر تي ليٽر لکيو آهي ان ڪري رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي جنهن تي خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب جي حراست ۾ خورشيد شاهه کي 87 ڏينهن گذري چڪا آهن 16 ڊسمبر تي کيس 90 ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن ان باوجود هن مهل تائين نيب خورشيد شاهه خلاف هڪ به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو. جنهن بعد عدالت خورشيد شاهه کان طبيعت بابت پڇا ڪئي جنهن تي خورشيد شاهه جو چوڻ هو علاج جاري آهي طبيعت ۾ بهتري آهي جنهن بعد عدالت خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪندي نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻيهر 17 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف سکر احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ٻڌڻي دوران سکر پوليس موبائل بيهي رهي جيالن ۽ پوليس وارن ڌڪا ڏئي گاڏي کي اسٽارٽ ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو