خواب ڏٺو آهي ته آزاد اميدوار چونڊون کٽي پ پ ۾ ايندا: منظور وساڻ

خيرپور (رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ آزاد اميدوار ڪامياب ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو. صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته مان خواب ڏٺو آهي ته آزاد اميدوار چونڊون کٽي پ پ ۾ ايندا. هن چيو ته پ پ سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪندي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پ پ کوڙ سيٽون کڻندي، آزاد اميدوار گڏائي پ پ کي اڪثريت ٿيندي ۽ بلاول ئي وزيراعظم ٿيندو.سندس چوڻ هو ته نواز شريف وزيراعظم لاءِ مريم نواز جو نالو ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته مريم نواز جي نالي تي ن ليگ ۾ اختلاف ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو