خواب ڏسندڙن کي کٽڻ نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نواز شريف جي سدائين بدلي ۽ نفرت جي پاليسي رهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ملڪ کي بدترين معاشي بحران ۾ وڌو. پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ماڻهو نفرت جي سياست کي دفن ڪري چڪا آهن، ماڻهو بينظير ڀٽو جي نظريي کي چونڊڻ چاهين ٿا، سنڌ مان پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب مان به پ پ کي وڏو مارجن ملندو، اهي ماڻهو جيڪي خواب ڏسي رهيا آهن، انهن کي کٽڻ نه ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو