خطابي سان زيادتي ڪندڙ مفتي گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مدرسي جي خطابي سان مبينا زيادتي ڪندڙ مفتي عزيز الرحمان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب خطابي سان زيادتي ڪندڙ مفتي عزيز الرحمان کي ميانوالي مان پٽ سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته جوابدار مفتي عزيزالرحمان تي خطابي سان زيادتي جو الزام آهي جنهن بابت زيادتي جي وڊيو به منظر تي عام آئي هئي، وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ صدر پوليس مفتي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جڏهن ته زيادتي جو واقعو پيش اچڻ تي مفتي کي مدرسي مان ڪڍيو ويو هو ۽ جمعيت علماءِ اسلام طرفان به مفتي جي رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته مفتي کان واقعي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو