خدشو آهي ته ن ليگ اليڪشن واري ڏينهن جهيڙو ڪندي: پ پ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته خدشو آهي ته ن ليگ اليڪشن واري ڏينهن جهيڙو ڪندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پلوشه خان چيو ته آفيسن ۾ داخل ٿي ماڻهن کي ٺڳ بڻائي اغوا ڪيو.سندس چوڻ هو ته عطا تارڙ جو ٽون ۽ غلط رويو ٻڌائي رهيو آهي ته هو پنهنجي شڪست ڏسي رهيو آهي، ووٽن جي خريد و فروخت ن ليگ جي پراڻي عادت آهي، عطا تارڙ سوچي رهيو آهي ته سندس ڌمڪيون برداشت ڪنداسين.پلوشه خان جو چوڻ آهي ته ن ليگ عطا تارڙ جي پٺي تي بيٺي هي سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، ن ليگ کان مطالبو آهي ته موقف واضح ڪيو وڃي، ماضي ۾ به ماڊل ٽائون جهڙا واقعا ٿيا آهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن سندن ڌمڪين تي نظر رکي ۽ نوٽيس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو