خبردار، فون تي ڪنڊ وارو نشان جو ڇا سبب آهي،تفصيل خبر ۾

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجي اينڊرائيڊ فون جي اسڪرين مٿان ڪونڊ ۾ سائي نقطي کي ڏٺو آهي؟جيڪڏهن ها ته پوءِ اوهان کي محتاط رهڻ گهرجي، ڇو ته هي هڪ وارننگ جي علامت ٿي سگهي ٿي ته ڪو اوهان جي حرڪتن کي ڏسي رهيو آهي. هي سائو ڊاٽ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هڪ ايپ اوهان جي اينڊرائيڊ فون تي موجود سينسر اوهان جي مائيڪروفون يا ڪيمرا کي استعمال ڪري رهي آهي. اها مڪمل طور تي عام نظر اچي سگهي ٿي مثال طور جيڪڏهن اوهان وائيس ريڪارڊ ايپ استعمال ڪري رهيا آهيو يا ڪال ڪري رهيو آهيو. پر جيڪڏهن اوهان کي سائو نقطو نظر اچي ٿو ۽ اوهان کي خبر ناهي ته اهو ڇو آهي ته اهو اوهان جي فون تي موجود اسپاءِ ويئر ايپس جي علامت ٿي سگهي ٿي. برطانوي ڊيليميل موجب ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ سولو آهي ته ڪهڙي ايپليڪيشن اوهان جو مائيڪرو فون استعمال ڪري رهي آهي. سائبر اسمارٽ جي سي اي او ۽ شريڪ باني جمي اختيار چيو ته گهنو ڪري اوهان کي سائي نقطي بابت ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته اوهان جي جاسوسي ڪئي پئي وڃي ته فوري ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. گهڻي ڀاڱي ان جو سڌو مطلب اهو آهي ته ايپ اوهان جي مائيڪرو فون يا ڪيمرا کي استعمال ڪري رهي آهي ۽ هي ڪنهن ٿرد پارتي ايپ يا وايئس اسستنٽ جهڙي ايپجو ڪم ٿي سگهي ٿو. سڀ کان وڌيڪ امڪاني سبب اهو آهي ته اوهان هڪ ايپ کي پنهنجي ڪيمرا يا مائيڪروفون تائين رسائي جي اجازت ڏيو ٿا. ان سان پنهنجي فون جي سيتنگز جي اجازت سيڪشن ۾ چيڪ ڪريو. جيڪڏهن نه ته ان جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو فون هيڪ ٿي ويو آهي ۽ اوهان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا اهيو ان تي نطر رکڻ لاءِ اسپاءِ ويئر استعمال ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته اوهان پنهنجي فون تي اسپاءِ ويئر انستال ڪيو آهي ته هڪ مالويئر اسڪين هلائڻ جي صلاح ڏني ويندي اهي. اختار جو چوڻ هو ته اوهان کي پاس وردز کي تبديل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان کي سائو نقطو نظر اچي ٿو ته اهو ڏسڻ سولو آهي ته ان کي ڪهڙي ايپ لانچ ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان کي سائو نقطو نظر اچي ته اسڪرين جي مٿئين حسي کان هيٺ ڏانهن سوائپ ڪريو ۽ اوهان کي هڪ مائيڪروفون يا ڪيمرا نظر ايندي جنهن جو سينسر استعمال۾ آهي. ائيڪن تي ٽيپ ڪريو ۽ اوهان ڏسندا ته ڪهڙي ايپ ان کي استعمال ڪري رهي آهي. هن اسڪرين سان اوهان پنهنجو مائيڪرو فون يا ڪيمرا استعمال ڪندر ايپ جي اجازتن کي بند ڪري سگهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو