اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن بشرا بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي. بشرا بي بي جو وڪيل عثمان گل دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو جتي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا عثمان گل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت عثمان گل جي 12 جون تائين عبوري ضمانت 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.ساڳئي ڪيس ۾ نعيم پنجوٿا، علي اعجاز بٽ ۽ مرزا عاصم جي عبوري ضمانتون منظور ڪيون ويون آهن.










