خان ڪٿي آهي؟ هو جيل ۾مڪمل تندرست آهي، جيل انتظاميا

خان ڪٿي آهي؟ هو جيل ۾مڪمل تندرست آهي، جيل انتظاميا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي صحت بابت اڊيالا جيل اختيارين جو بيان سامهون آيو آهي ته هو جيل ۾ آهي ۽ مڪمل طور تي صحتمند آهي. پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان جي صحت جي خرابي ۽ کيس ڪنهن ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪندي سندس خاندان وارن سان ملاقات جو مطالبو ڪيو آهي. خميس تي صبح جو سوشل ميڊيا يعني ايڪس تي اهو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ته عمران خان ڪٿي آهي؟ ڪجهه غير تصديق ٿيل اڪائونٽس سان خان جي موت جي خبر به هلائي وئي آهي. ڀارتي ۽ افغان ميڊيا سميت ڪجهه غير ملڪي اڪائونٽس ۾ به اهڙيون خبرون شايع ٿي رهيون آهن. انهن افواهن ۾ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن سندس ڀيڻ عليما خان کي ملاقات ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن بعد ۾ ڪارڪنن سان گڏ اڊيالا جيل روڊ تي ڌرڻو به هنيو هو. پارٽي جي سوشل ميڊيا ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزارت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته خان جي صحت بابت بيان جاري ڪريو ۽ غلط خبرون هلائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو. ’قوم پنهنجي قومي اڳواڻ لاءِ فڪرمند آهي.‘ جيو نيوز موجب اڊيالا جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي.اڊيالا جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جو مڪمل خيال رکيو پيو وڃي. هن کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ صحتياب ٿي رهيو آهي.اڊيالا جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي افواهون بي بنياد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو