خان ميانوالي مان چونڊ وڙهندو ۽ وزيراعظم طور حلف کڻندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس گهرواري کي جلد آزاد ڪيو ويندو، هو ميانوالي مان چونڊ وڙهندا ۽ وزيراعظم جو قسم کڻندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته جيترا به بيگناهه آهن انهن کي پاڻ ڏانهن وڃڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارن کي کنيو ويندو هو، قانون نالي ڪا شيءِ هئڻ گهرجي.فيصل جاويد چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جا سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، جلد سامهون اچي ويندا، مراد سعيد سان ڪو به تعلق ناهي، الله کيس سلامت رکي. فيصل جاويد چيو ته اسان جا ماڻهو عدالتن ۾ پيش ٿين ۽ انصاف ٿيڻ گهرجي، هي اليڪشن فارم 45 ۽ فارم 47 جي وچ ۾ هئي، ٽيلينگ دوران غلط نمبر لکيا ويا.هن چيو ته اسان جي هر اميدوار وٽ فارم 45 آهي، پي ٽي آءِ جي باني 180 سيٽون کٽيون آهن، جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي اهو ئي حڪومت ٺاهي.

پهنجو تبصرو موڪليو