خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8ڄڻا زخمي

ڄام نواز علي (ن سنڌيار) ڄام نواز علي ويجهو تلا شاهه واري علائقي ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي فائرنگ جي نتيجي ٻنهي ڌرين جا 2 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ يعقوب خاصخيلي، سندس 2 ڌيئرون، شاهه نواز، نور خاصخيلي ۽ علي حسن خاصخيلي شامل آهن.اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي زخمين کي ڄام نواز علي اسپتال منتقل ڪيو آهي.پوليس موجب جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سوٽ آهن، سندن زرعي پاڻي جي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، رپورٽ داخل ڪئي آهي، جڏهن پوليس ڪارروائي ڪندي ٻنهي ڌرين جي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو