خ، ج،ک ۽ هه جي نالن وارن لاءِ ايسٽرولوجي الرٽ

عمر ڪوٽ (ن س) ستارن جي علم يعني ايسٽرولوجي جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا لال ڪتاب جي آڌاري تي خبردار ڪيو آهي ته خ ، ج،ک ۽ ھ جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو 13 جنوري کان 15 مارچ تائين احتياط ڪن.ڄاڻايل عرصي دوران سندن نالن جي خانن ۾ نحس ڄاتو ويندڙ ستارو زحل جي نظر پوڻ سبب سندن خرچ ۾ اضافو ٿيندو ۽ ذهني طور پريشاني جو سبب بڻبو. ان ڪري سيڙپڪاري، ضمانت، شاهدي وغيره کان پرهيز ڪن. جذبات کان پاسو ڪن ۽ صبر کان ڪم وٺن. برطانوي شهزادي هيري جو مثال اوهانجي سامهون آهي جنهن بادشاهي اعزاز واپس ڪيو آهي ۽ شاهي خاندان ۾هلچل مچيل آهي. هلندڙ سال جي پهرين چنڊ گهرڻ جيڪا 10 ۽ 11 جنوري جي وچ واري رات ٿي گذري. رات ساڍي ڏهين کان اڍائي وڳي تائين برج جوزا ۾ جاري رهي. هن چنڊ گهرڻ جو منفي اثر هيري جي زندگي تي 2 سالن تائين اثر انداز رهندي. سندس سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت متاثر ٿيندي. هندي ايسٽرولوجي موجب چنڊ گهرڻ جي منفي اثرن کان بچڻ لاءِ سائي رنگ جو ڪپڙو صدقي ۾ ڏئي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو