حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون ڪامياب 6 ارب ڊالر منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انٽرنيسنل مانيتري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ 6 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج تي اتفاق ٿي ويو آهي. ناڻي بابت صلاحڪارعبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪيترن ئي مهينن جي ڳالهين بعد آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو آهي، جنهن کي اسٽاف ايگريمينٽ چوندا آهن. اها رقم 3 سالن ۾ ملندي، جنهن جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو. اهڙو اظهارهن رياستي ٽي وي، پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو آهي. پاڪستان ايندڙ ٻن سالن ۾ 700 ارب جون ٽيڪس رعايتون ختم ڪندو، ايندڙ مالي سال 2019-20 جي بجيٽ ۾ 350 ارب جو رعايتون ختم ڪيون وينديون. ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي 11 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي. ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ڪيو ويو آحي ته حڪومت بجلي ۽ گيس مهانگي ڪندي ۽ نيپرا ۽ اوگرا کي مڪمل طور خودمختار ادارا بنائڻ ۽ سياسي مداخلت ختم ڪرن جي خاطري ڪرائي آهي. اصل زور اقتصادي اصلاحات تي آهي حڪومت آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته بجلي جا اگهه وڌائي 100 ارب حاصل ڪيا ويندا، 300 يونٽ ماهوار تائين وارن صارفين تي اثر نو پوندو. پنجاب ۾ ايل اين جي تي هلندڙ ٻه پاورپلانٽ خنگائي 280 ارب حاصل ڪبا ۽ خساري ۾ هلندڙ اسٽيل ملز سميت مختلف ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو