حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 07 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيا 3 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پيٽرول جي نئين قيمت 247 رپيا 3 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 246 رپيا 29 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 140 رپيا 90 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه گاسليٽ به 3 رپيا 57 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 154 رپيا 90 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو