حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي: تنوير شاهه

مٽياري (رياض چانڊيو) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع مٽياري جي اڳواڻ سيد تنوير حسين شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت رڪارڊ مهانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي ۽ ھاڻ غريب عوام موجوده معاشي بدحالي سبب خودڪشيون ڪري رهيو آهي جنهن جي ذميوار موجوده وفاقي حڪومت آھي. ھن جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن هزارين بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو آھي سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪندڙ خود مٽجي ويندا. پ پ پ اڳواڻ چيو ته مٽياري ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، مخدوم خاندان ھميشہ ڏکئي دور ۾ به پيپلزپارٽي سان وفادار رهيو آهي. ھن چيو ته مخدوم خاندان ۽ غريب عوام جو رشتو ھڪ مضبوط رشتو آهي جيڪو ھميشہ قائم رھندو. سيد تنوير شاھ وڌيڪ ٻڌايو ته مٽياري ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي ۽ ھميشہ رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو