لاهور(ويب ڊيسڪ) صحافين جي تحفظ جي عالمي تنظيم جي ايشيا پروگرام جي ڪو آرڊينيٽر اسٽيون بٽلر کي پاڪستان جي اميگريشن عملي واپس ڪري ڇڏيو ۽ کيس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. هو لاهور ۾ “روڊ ميپ فار هيومن رائيٽس ان پاڪستان” پاران عاصمه جهانگير بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو هو. اميگريشن وارن سندس پاسپورٽ ضبط ڪندي چيو ته اوهان جي ويزا صحيح آهي پر نالو “اسٽاپ لسٽ” ۾ شامل آهي جيڪا وفاقي وزارت داخلا مرتب ڪندي آهي.
ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس يعني سي پي جي، جي ڊائريڪٽر جوئيل سائمن پاران بليڪ لسٽ ۽ پاڪستان حڪومت جي ان عمل تي ڳڻتي ۽ مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان ۾ فريڊم آف پريس جي منهن تي چماٽ آهي، پاڪستان حڪومت وضاحت ڪري ۽ جاچ ڪرائي ته ائين ڇو ٿيو. سي پي جي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اسٽيون بٽلر کي زبردستي دوحه جي فلائيٽ ۾ واپس ڪندي کيس آمريڪا موڪليو ويو.