حڪومت جي عوام تي حملو، پيٽرول جي قيمت ۾ وڏو اضافو

اسلام آباد(بيوو رپورٽ)حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا 55 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا 55 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 272 رپيا 89 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 278 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.24 پئسا گهٽتائي کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 186 رپيا 62 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا واڌ سان نئين قيمت 166 رپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نگران وزيراعظم پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو