حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اٽي جي پرڏيهه روانگي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.واپار واري وزارت اٽي کي پرڏيهه موڪلڻ جي منظوري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب امپورٽ ٿيل ڪڻڪ مان ٺهيل اٽي کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت هوندي ۽ امپورٽ ٿيل ڪڻڪ مان ٺهيل اٽو رڳو ايڪسپورٽ مقصدن لاءِ ئي برآمد ڪري سگهجي ٿو.حڪومت ايڪسپورٽ فيليليٽيشن اسڪيم 2021 تحت اٽي جي برآمد جي اجازت ڏني ۽ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.حڪومتي ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ڪافي ۽ وافر ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 32.1 ملين ٽن حاصل ڪيو ويندو.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي پوکي مقرر هدف کان 1.8 سيڪڙو وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو