حڪومت ايندي ئي معيشت کي ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ايندي ئي معيشت کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.پارليامينٽ ۾ اچڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته سندس خواهش آهي ته هر اسيمبلي ۽ هر سينيٽ پنهنجو مدو پورو ڪري، سندس خواهش آهي ته هر وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪري.هن چيو ته ڪو مسئلو ناهي، حڪومت ايندي ئي معيشت کي ٺيڪ ڪندي ڇو ته سمورا معاملا معيشت سان لاڳاپيل آهن، حڪومت معيشت کي ٺيڪ ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اميد آهي ته سڀ حل ٿي ويندا ۽ سياسي عدم استحڪام جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، انشاءَ الله سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو