حڪومتي مدت 14 آگسٽ تي ختم ٿيندي،چونڊ اعلان ڪميشن ڪندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو آهي ته اسان جي حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن ان جو اعلان جڏهن به آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٿينديون. اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس ٿي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان هنڌان هنڌ وڃون ٿا، قرض گهرون ٿا ۽ آءِ ايم ايف کان پڇا ڳاڇا ڪريون ٿا، هي زندگي گذارڻ جو طريقو ناهي، اهڙيون ڳالهيون هاڻي نه هلنديون، چين کي احساس ٿي ويو هو ته پاڪستان مصيبت ۾ آهي، چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو.هن چيو ته اسان جي حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تاريخ ڏيندو، جڏهن به چونڊون آڪٽوبر، نومبر ۾ ٿينديون ته اليڪشن ڪميشن ان جو اعلان ڪندي. هن چيو ته وزير اعظم ايندا ۽ ويندا رهندا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ هميشه قائم رهڻ گهرجي، عوام جي ووٽن سان جيڪا به حڪومت ايندي ان کي تعليم کي اوليت ڏيڻ گهرجي، تعليم جي فروغ تي سياست ناهي، اهو وقت آهي ته اسان تعليم تي ڌيان ڏيون، هميشه تعليمي اسڪالر شپ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، دنيا تعليم ذريعي ئي ترقي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو