لاهور (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق جو چوڻ آهي ته پ پ حڪومت جي ظالمانه پاليسين ملڪ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته يونان ۾ پيش آيل ٻيڙي سانحي تي هر پاڪستاني جي دل سوگوار آهي.سندس چوڻ آهي ته سوين نوجوان بهتر مستقبل لاءِ لکين رپيا خرچ ڪري کليل سمنڊ ۾ گم ٿي ويا، گهر جون اميدون به ٻڏي ويون.سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اعليٰ تعليم يافته يا مزدور صورتحال سبب ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ۽ حڪومتي پارٽين سان ڳنڍيل عوام جا اثاثا وڌي رهيا آهن.امير جماعت اسلامي پاڪستان جو اهو به چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جي قسمت ۾ آهي، ظالم نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ضروري آهي.










