حڪومتي رمضان پيڪيج تيار، وڏي سبسڊي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ لاءِ رليف پيڪيج تيار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران ايندڙ رمضان مهيني لاءِ 5 ارب جو سبسڊي پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 19 ضروري شين تي سبسڊي ڏني ويندي.ذريعن موجب رمضان پيڪيج تحت سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ ٿيل ماڻهن لاءِ هوندي جيڪا يوٽيلٽي اسٽورن تي فراهم ڪئي ويندي.ذريعن موجب رمضان پيڪيج تحت اٽو، گيهه، دال، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين تي سبسڊي ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت مهانگائي سبب عوام خاص ڪري هيٺين طبقي جي ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو