حڪومتي دعوائون ڌوڙ، يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڄرو سامان جي سپلائي بند

خانپورمهر (ن س) خانپورمهر ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو, يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ ۽ اٽو جي سپلاء 2 مهينن کان بند, عام مارڪيٽن ۾ عام واهپي جون شيون ٻيڻي اگهن تي وڪرو, ڪاروائي جو مطالبو, رپورٽ موجب خانپورمهر ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور تي ٻن مهينن کان کنڊ ۽ اٽي جي سپلاء ويئر هائوس گهوٽڪي کان بند آهي جنهن سبب يوٽيلٽي اسٽور تان اٽو ۽ کنڊ غائب آهي يوٽيلٽي اسٽور غريب ماڻهن لاء بي فائدہ بڻيل آهي ان کان علاوه شهر جي عام مارڪيٽن ۾ منافعي خور واپارين عام واهپي جي شين جا هٿراڌو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي کنڊ, اٽو, گيھ, داليون ۽ ٻيون شيون منافعي خور واپاري ٻيڻي اگهن تي مهانگيون وڪرو ڪري رهيا آهن پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون توڙي تعلقي انتظاميه شهر ۾ هٿراڌو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا آهن جنهن سبب منافعي خور واپاري بنا خوف جي عام واهپي جون شيون هٿراڌو اگهن تي وڪرو ڪري رهيا آهن هٿراڌو مهانگائي جي طوفان سبب غريب ۽ پورهيت طبقو سخت پريشان آهي ۽ مهانگائي سبب غريب ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو پنهنجي ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاء پڻ پريشان ٿي چڪا آهن ان سلسلي ۾ هتان جي شهرين چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور هٿراڌو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ يوٽيلٽي اسٽورتي سستو اٽو ۽ کنڊ سميت ٻيو سامان ڏنو وڃي ته جيئن غريب ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو يوٽيلٽي اسٽور تان سستي اگهه تي سامان خريد ڪري سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو