اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف نظرثاني درخواست منظور ڪندي اڪلائي ڇڏي.10 اپريل تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اٽارني جنرل منصور اعواڻ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ پيش ٿيو ۽ درخواست واپس وٺڻ بابت وفاقي حڪومت جي موقف کان آگاهه ڪيو.ٻڌڻي دوران درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.هاڻ سپريم ڪورٽ حڪومت جي درخواست منظور ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي فيصلي تي نظرثاني واري ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ٻيهر نظرثاني واري درخواست واپس وٺڻ لاءِ حڪومتي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ درخواست ڪيوريٽو ريويو جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي.
