حڪومتي اعلان رد،واپاري اڳواڻ روڊن تي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) واپارين جي مرڪزي تنظيم جي صدر ڪاشف چوڌري چيو آهي ته حڪومتي فيصلا  سڄي ملڪ جي واپارين کي روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.آل پاڪستان انجمن تاجران ۽ ٽريڊرز ايڪشن ڪميٽي اسلام آباد جي صدر اجمل بلوچ، سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينئر نائب صدر آءِ سي سي آءِ خالد چوڌري چيو آهي ته واپاري برادري حڪومت مان اميد ڪري رهي آهي ته ڪورونا پابندين ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ عيد جي موقعي تي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي پر  اوچتو ئي پابندين ۾ وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ پاڪ فوج کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مرڪزي تنظيم جي صدر محمد ڪاشف چوڌري سڄي ملڪ جي واپاري اڳواڻن سان ٽيليفون تي صلاح مشوري کان پوءِ چيو آهي ته حڪومت وڏي پيماني تي ويڪسينيشن، اسپتالن جي تعداد وڌائڻ، وينٽيليٽرز ۽ آڪسيجن جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ جلسي، جلوسن ۽ زباني خرچ تي اجايو وقت ضايع ڪيو. حڪومت جا غلط فيصلا واپارين کي روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو