اڳوڻن حڪمرانن لندن جي مهانگن علائقن ۾ ملڪيتون ورتيون آهن،عمران

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جي اڳوڻن حڪمرانن لنڊن جي انهن علائقن ۾ ملڪيتون حاصل ڪيون جتي برطانوي وزيراعظم به نٿو وٺي سگهي. ڪوئيٽا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان بلوچستان لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن ، اڍائي سالن ۾ 3300 ڪلوميٽر رستن جا منصوبا ٺهيا ۽ انهن تي ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته گنگارام لاهور ۾ هڪ اسپتال ٺاهي، پوري دنيا هن جي تعريف ڪري ٿي، دنيا انهن کي ياد رکي ٿي جيڪي انسانيت لاءِ ڪجهه ڪندا آهن. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسين 2013 ۾ خيبرپختونخواهه ۾ اقتدار ۾ آياسين ته اهو سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي مان متاثر ٿيل هو. 500 پوليس وارا شهيد ڪيا ويا هئا ، پوليس وارا مايوس هئا، اسان جا مخالف چوندا هئا ته پختونخوا ۽ نئون پاڪستان ڪٿي آهي، پوءِ اسان کي ڪي پي ڪي ۾ 2018 جي چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي، اتي غربت گهٽائي وئي. وزيراعظم چيو ته يو اين ڊي پي جي رپورٽ مطابق ڪي پي ۾ غربت سڀ کان تيزي سان گهٽ ٿي، جڏهن ته يو اين ڊي پي جي رپورٽ مطابق ڪي پي ۾ انسانن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو