حيدرآباد(ن س ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ حڪمرانن سنڌ کي ايٿوپيا بنائي ڇڏيو آھن. غريب ماڻھو اٽي لاءِ پريشان آھن. 170 روپيا ڪلو وڪامندڙ اٽو مزدور، ھاري ۽ ننڍن ملازمن جي پھچ کان پري ٿي ويو آھي. سارين جي پوکائي وقت پاڻي کوٽ ڪئي وئي آھي. جنھن ڪري چانورن جو به بحران ٿيندو. سبسڊي ڏئي اٽو سستو ڪيو وڃي ۽ پاڻي کوٽ ختم ڪري آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت ھٿ وٺي ڪڻڪ جي خريداري نہ ڪئي. وزيرن پنھنجي فرنٽ مين واپارين ذريعي ڪڻڪ خريد ڪري گم ڪري ڇڏي آھي. مارڪيٽ ۾ ھٿرادو بحران ڪري اٽي جا اگھ آسمان تي پھچايا ويا آھن. وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ناھي، جنھنڪري روزانو ڪنھن نہ ڪنھن شئي جو بحران ڪيو وڃي ٿو ۽ شيون مھانگيون ڪيون وڃن ٿيون. ڪڏھن بجلي مھانگي، ڪڏھن گئس مھانگو، ڪڏھن کنڊ مھانگي، ڪڏھن اٽو مھانگو، بحران در بحران جو سلسلو شروع ڪري سنڌ جي غريب عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت ڦٽين جو فصل لٿو آھي تہ واپاري مافيا ان جا اگھ ڪيرائي ڇڏيا آھن، سنڌ حڪومت پنھنجي ئي مقرر ڪيل اگھن تي عمل نٿي ڪرائي. ڊي سيز، اي سيز، مختيارڪار ۽ ٻيا انتظامي عملدار مڪمل لاتعلق ۽ غير فعال بنايا ويا آھن. وزيرن ۽ وڏيرن جا مقرر ڪيل عملدار بنگلن ۽ اوطاقن جي پسند جا ڪم ڪن ٿا. سنڌ جا ماڻھو بي يارو مددگار ڪيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ 15 سالن جي حڪمراني تمام وڏو عرصو آھي. شھرن ۽ ڳوٺن جي ترقي بدران انھن کي کنڊر بنايو ويو آھي. عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي بي سھولت حاصل ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني بہ خريد نہ ڪري سگھڻ سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن پر حڪمرانن کي ڪو بہ احساس ناھي.
