حيسڪو جي هٺ ڌرمي،بجلي بند،رهواسين جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن س) بلڙي شاهه ڪريم جي رهواسين جو حيسڪو جي زيادتن خلاف امجد کوکر،ارشد مغل, ذيشان رفيق رند ۽ ٻين جي اڳواڻي م پريس ڪلب بلڙي شاه ڪريم آڏو  پنڌرنهين ڏينهن ۾ ٻيودفعو احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو بلڙي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪنڌي اڳواڻن سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ٽرانسفارمرخراب آهي ۽  گذريل پنڌرنهن ڏينهن کان بجلي بند آهي، جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا ڏينهن رات گرمي جي لپيٽ ۾ آهن جڏهن ته بارشن کانپوءِ مڇرن جو آزار سبب مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي ويا،احتجاجين مبينا الزام مڙهيندي چيو آهي ته ايل ايس ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪرڻ عيوض 40 هزار رشوت گهري رهيو آهي جيڪا سراسر نا انصافي آهي،ڇو جو اسانجي بجلي جا بل ادا ٿيل آھن پر پوءِ به اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو؟ احتجاجين چتاءُ ڏيندي چيف انجئير حيسڪو ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي آهي سندن خراب ٿيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري علائقي جي  بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو