حوالدار لالڪ جان شهيد نشان حيدر جو 24 هون يومِ شهادت

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڪارگل جي محاذ تي وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ حوالدار لالڪ جان شهيد نشان حيدر جو 24 هون يومِ شهادت ملهايو پيو وڃي.پاڪ فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس حوالدار لالڪ جان شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب حوالدار لالڪ جان بهادري سان وڙهندي مادر وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏنو، سندس استقامت، فرض شناسي ۽ حوصلو پاڪ فوج جي سڃاڻپ آهي.آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر پٽن جي لازوال قربانين جي هميشه مقروض رهندي، ملڪ جي وقار لاءِ جانيون قربان ڪندڙ جوان بلاشڪ عزت ۽ احترام جا مستحق آهن.آءِ ايس پي آر موجب ملڪ خاطر ڏنل قربانيون اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو