حميد هارون جامي پاران لڳايل ريپ جا الزام رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلم ساز جمشيد محمود جنهن هلندڙ سال آڪٽومبر ۾ ميڊيا جي هڪ اهم شخصيت تي ريپ جو الزام لڳايو هو هاڻي هن پاڻ سان مبينه طور ريپ ڪندڙ ڊان جي سي اي او حميد هارون جو نالو کنيو آهي. جامي جي نالي سان مشهور ڊائريڪٽر پنهنجو پراڻو ٽوئٽر اڪائونٽ مبينه طور تي هيڪ ٿيڻ بعد نئون اڪائونٽ کولي ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن اهو الزام لڳايو. ان سان گڏ جامي پنهنجي فيس بڪ پيج تي به اهو الزام پوسٽ ڪئي. جنهن جي جواب ۾ حميد هارون هڪ بيان جاري ڪندي ريپ جي الزام کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اها ڪوڙ تي ٻڌل ڪهاڻي آهي ۽ ماڻهن جي چوڻ تي مون کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اهو ڊرامو رچايو ويو آهي ۽ مون ذريعي اخبار کي مجبور ڪرڻ چاهين ٿا ته هنن جو جابرانه بيانن جي حمايت ڪئي وڃي جنهن اخبار جي مان نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ مان اهڙن الزامن خلاف قانوني رستو اختيار ڪندس. حميد هارون جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان پنهنجي نالي ۽ ساک خاطر ۽ آزاد صحافت جي تحفظ لاءِ انهن خلاف قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪري رهيو آهيان جيڪي مون خلاف بدنيتي تي ٻڌل ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن. واضح رهي ته جامي پاڪستاني ميڊيا انڊسٽري جو هڪ معروف نالو آهي جنهن 2014 ۾ فلم زيرو ٽو ون ۽ مور جي هدايتڪاري ڪئي جيڪا 2015 ۾ پاڪستان طرفان آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف حميد هارون ميڊيا برادري جي هڪ مشهور شخصيت آهي کوڙ سارن ٽرسٽ ۽ تنظيمن ذريعي پاڪستان ۾ ثقافت جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ سرگرم آهي. هيٺ ڏنل بيان حميد هارون طرفان جاري ڪيو ويو آهي. 3  مهينا اڳ سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه پرنٽ ميڊيا ۾ جامي رضا طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ الزام لڳايو ويو هو ته جامي کي ڪيترائي سال پهرين ريپ جو نشانو بڻايو ويو هو جنهن جي باري ۾ هو صرف ڳالهه ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ريپ ڪندڙ هڪ طاقتور ۽ بااثر ميڊيا شخصت آهي. حيران ڪندڙ ڳاله اها آهي ته ان وقت ريپسٽ جو نالو نه ورتو ويو حالانڪه وقت سان گڏ ملندڙ اشارن ۾ ايئن معلوم ٿي رهيو هو ته اها ڳالهه ڊان جي سي اي او حميد هارون جي باري ۾ ئي ڪئي پئي وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهڙي طرح ٽوئيٽ ۾ بطور خاص منهنجو نالو ناهي کنيو ويو پر مون کي اندازو هيو ته جامي رضا کي ڪير اڳتي وڌائي رهيو آهي ان ڪري مون کي مشورو ڏنو ويو ته جيستائين خاص طور تي نالو نه کنيو وڃي تيستائين مان صبر اختيار ڪيان پر 28 ڊسمبر تي جامي رضا منهنجو نالو کنيو ان لاءِ رد عمل ڏيڻ لازمي هو.  حميد هارون چيو ته مان ريپ، جنسي استحصال ۽ هراساني کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ۽ حمايت ڪرڻ جو پنهنجو عزم ورجائيندو آهيان ان قسم جا فعل جتي به ٿين جهڙي طريقي سان ٿين ڪم واري جڳهه يا ٻاهر ٿين ان جي واضح طور مذمت ڪندو آهيان ۽ هميشهه متاثر ماڻهن جي حمايت ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته مان ان ڳالهه کان به واقف آهيان ته ڪجهه وقتن تي طاقتور گروهن طرفان پنهنجي سياسي ۽ سماجي ايجنڊا تحت ڪنهن ماڻهو جي شهرت ۽ عزت خراب ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا ويندا آهن ۽ اهڙي طرح ڪنهن خاص مقصد لاءِ ماڻهوءَ جي ساک خراب ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته منهنجي جامي رضا سان پهرين ملاقات 90 جي ڏهائي يا 2000 جي شروعات ۾ ان وقت ٿي جڏهن هو هڪ فري لانس فوٽو گرافر ۽ اڀرندڙ فلمساز هيو. هي اهو وقت هيو جڏهن جامي تحفظ ۽ فن تعمير جي دستاويزي مقصدن لاءِ سر جهانگير ڪوٽهاري پريڊ بينڊ اسٽينڊ جون تصويرون ٺاهيون هيون. هن جو چوڻ هو ته مان جامي جي ڪم کان گهڻو متاثر ٿيس ۽ 4-2003 ۾ موهٽا پيلس ميوزيم ۾ ٿيندڙ صادقين نمائش جي ڪيٽلاگ ۾ هڪ تصويري مضمون جي سلسلي ۾ ان جي تعاون لاءِ شامل ڪيو. حميد هارون جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي ياد آهي ته ان کان پوءِ ڪجهه ڀيرا ان جي گهر ويس ان جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي پر ان سان ذاتي طور ملاقات ناهي ٿي ۽ نه ئي مون کي ياد آهي ته منهنجي جامي رضا سان ڪڏهن اڪيلائي ۾ ملاقات ٿي هجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مون کي يقين آهي ته معاشري ۽ رياست ۾ طاقتور مفاد رکندڙ ماڻهن جي چوڻ تي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام لڳايا ويا آهن جيڪي منهنجي ساک کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.  هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان ان الزامن پٺيان لڪل ماڻهن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيان ۽ بغير ڪنهن خوف يا جانبداري جي صحيح ۽ منصفاڻي رپورٽنگ جو علم بلند رکڻ جو واعدو ڪيان ٿو. جيتري قدر ڳالهه ٽوٽيٽ يا ڪجهه اخباري رپورٽن جي آهي ته مان پنهنجي نالي ۽ ساک خاطر آزاد صحافت جي تحفظ لاءِ ان سڀني ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪري رهيو آهيان جنهن مون خلاف بدنيتي تي ٻڌل ۽ ڪوڙا الزام لڳائڻ جا ذميوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو