حمزه شهباز 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور(م ڊ) احتساب عدالت جي جج جوادالحسن نيب جي درخواست تي حمزه شهباز شريف جو 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ نيب کي ڏنو آهي. پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعو نيب کي ٻن هفتن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن جي حمزه شهباز جي وڪيل امجد پرويز مخالفت ڪئي. نيب اڱاري تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان حمزه پاران ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ بعد گرفتار ڪيو ويو. هن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهن، رمضان شگر ملز لاءِ سرڪاري خرچ تي انفرا اسٽرڪچر ٺاهڻ جا الزام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو