حمزا علي عباسي شوبز ڇڏڻ جي سوال تي مداحن لاجواب ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ منفرد شهرت رکندڙ اداڪار ۽ ميزبان حمزا علي عباسي شوبز تان رٽائرمينٽ ۽ پوءِ واپسي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏنو آهي.فلم ’مولا جٽ‘ جي نوري ناٿ سوشل ميڊيا تي هڪ مداح کي شوبز کان ڊگھي وقفي جو سبب ٻڌايو آهي.اداڪار ڪالهه پنهنجي ايندڙ نئين فلم ”امرو عيار“ جو ٽيزر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيو.سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ تي حمزه علي عباسي جي هڪ مداح ڪمنٽ باڪس ۾ کانئس سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ياد آهي ته توهان شوبز کي الوداع چئي ڇڏيو؟ جنهن تي حمزه علي عباسي جواب ڏيندي لکيو ته ”مون مذهب پڙهڻ لاءِ ڊگهو وقفو ورتو.ٻئي طرف ڪجهه صارفين ٽوئيٽر تي حمزا علي عباسي کان سوال به پڇيا.

پهنجو تبصرو موڪليو