حماس پاران 15 اسرائيلي فوجي مارڻ جي دعويٰ

غزهه (ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ڪجهه ڏينهن ۾ 15 اسرائيلي فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب حماس جي فوجي ترجمان القسام برگيڊ جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 43 اسرائيلي فوجي گاڏيون تباهه ٿي ويون ۽ 15 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.القسام برگيڊ دعويٰ ڪئي آهي ته حماس 4 اسرائيلي فوجي ڊرونز تي قبضو ڪيو ۽ تل ابيب تي راڪيٽ حملا پڻ ڪيا ويا.ٻئي طرف اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ 130 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.ان کان علاوه يمن تي آمريڪا ۽ برطانيه پاران حملا ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه روس جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو