حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ڪنهن به گمنام ايف آءِ آر ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.حليم عادل شيخ جي امڪاني گرفتاري ۽ ڳجهين انڪوائرين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ سرڪاري وڪيل لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.سرڪاري وڪيل موجب حليم عادل شيخ خلاف ڪراچي ۾ 12 انڪوائريون هلي رهيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ کي ڪنهن به گمنام ايف آءِ آر ۾ گرفتاري ۽ ايم پي او جي تحت نظر بند ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته عدالت جي اجازت کان سواءِ حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو