لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي کي ڪراچي وٺي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.پوليس حسان نيازي کي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي کيس ڪراچي ۾ داخل ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ٽرانزٽ ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي.عدالت حسان نيازي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو. حسان نيازي خلاف ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مٿس اشتعال انگيز تقريرون ڪرڻ جون دفعات شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس حسان نيازي جي گرفتاري لاءِ اڄ پنجاب روانو ٿي سگهي ٿي.
