حسان نيازي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسان نيازي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.لاهور جي سيشن عدالت اسلام آباد پوليس کي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري ڪيس ۾ حسان نيازي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪندي جاچ آفيسر کي پيش رفت رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو.ٻئي طرف لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت به پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوليس تشدد ۽ باهه ڏيڻ جي الزام ۾ حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت حسان نيازي جي 8 اپريل تائين ضمانت منظور ڪندي ڪيس ۾ جوابدار کان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو